تيل وهيڙو

تيل وهيڙو

تيل وهيڙو

تيل وهيڙو/مُوسيئڙو (Purple Sun-Bird/Cinnyris Asiatica Brevirostris ):دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي قسم جي هن پکيءَ جا سنڌ ۾ ڪافي نالا آهن. هن کي ”مِيٽر“ ۽ ”سون ڦِدي“ پڻ چيو وڃي ٿو. ان جو قد بت ڪنهن وڏي ڀونئر جيڏو يا ڪجهه وڌيڪ يعني 10 سينٽي ميٽر ٿئي ٿو. باغن، ٻيلن ۽ صحرائن ۽ هر ان جاءِ تي ٿئي ٿو، جتي گل ٿيندا آهن. هي پکي ڊگهي ۽ مڙيل چهنب سان گلن جو رس چوسيندو رهندو آهي، ان ڪري هن کي ”گل رس چوس“ چوڻ به مناسب آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙيون مکيون به کائي ٿو. گل جو رس چوسڻ مهل هوا ۾ هڪ ٽِڪ بيهي رهندو آهي ۽ پَـر ايتري تيزيءَ سان هڻندو آهي، جو ذري گهٽ نظر ئي نه ايندا آهن. اڏامڻ جو تکو آهي، لڳ جي مند ۾ نر جو رنگ چمڪدار ڪارڙو ۽ تيز واڱڻائي سائو ۽ ماديءَ جو رنگ زيتوني ٿئي ٿو. نر سڄو ڪارڙو ڏسبو آهي، پر ماديءَ جي پيٽ جو رنگ هلڪو زيتوني ۽ اڇڙو هوندو آهي. جڏهن لَڳ جي مند نه هوندي آهي ته نَر جو رنگ به زيتوني ٿي ويندو آهي ۽ ڳچيءَ کان ڇاتيءَ تائين نيرڙو واڱڻائي پٽو ظاهر ٿيندو اٿس، باقي بت ماديءَ جي رنگ جهڙو ٿي پوندو اٿس. بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ هن کي ”دنبرگ“ به چوندا آهن .


لفظ تيل وهيڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو